اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ ا??نڊ آپريش?? سينٽر (اي?? سي او سي) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي ڪري بند تعليمي ادارا مرحليوار کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سومر ڏينهن منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد ع??ر جي صدارت ۾ اي?? سي او سي جي اجلاس ?? تعليمي ادارن جي کولڻ ۽ وبائي مرض جي انگن اکرن جي ڊيٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مرحليوار تعليمي ادارا کولڻ جي عزم ??يو ڇو ته پهرين مرحلي ۾ 15 سيپٽمبر کان نائين ڪلاس کان يونيورسٽين تائين جا اسڪول کوليا ويندا. ٻي مرحلي ۾ مڊل درجي ۽ ان جي برابري جي ڪلاس 23 سيپٽمبر کان کوليا ويندا، ٽئين مرحلي ۾ پرائمري اسڪول 30 سيپٽمبر کان کوليا ويندا.