اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) وفاقي حڪومت جي صحت واري شعبي جي ملازمن کي رسڪ الائونس (هڪ پگهار جي برابر) جي ادائيگي لاءِ 480.556 ملين روپين جي م??ظو??ي سميت مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ ڪيترين ئي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽن جي م??ظو??ي ڏئي ڇڏي آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪامياب جوان پروگرا?? جي اهم شرطن ۾ تبديلي جي م??ظو??ي به ڏني آهي، هاڻي ان پروگرام تحت هڪ لک کان وٺي 10 لک روپين تائين، 10 لک روپين کان وڌيڪ هڪ ڪروڙ روپين تائين ۽ هڪ ڪروڙ کان وٺي اڍائي ڪروڙ تائين جو قرض فراهم ڪري سگهبو. اجلاس ۾ ٽو ۽ ٿري وهيلز ۽ هيوي ڪمرشل گاڏين لاءِ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جي م??ظو??ي به ڏني وئي آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظ?? جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.