اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب پي??ا ٿ??ند?? صورتحال پاڪستان لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، پوري ??وم متحد ٿي ان وبا جي خلاف جنگ کٽيندي، ان حوالي سان قوم جي هر ماڻهو کي ذميداراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جيترو وڌيڪ احتياط ڪيو ويندو نقصان اوترو گهٽ ٿيندو ۽ لاڪ ڊا??ون سبب سڀ کان وڌيڪ معاشري جا غريب ۽ ڪمزور طبقا متاثر ٿيا آهن، رليف فنڊ مان حاصل ٿ??ند?? سموري رقم انهن جي امداد تي خرچ ڪئي ويندي، امير ۽ سرندي وارو طبقو ان مشڪل وقت ۾ اڳتي اچي، احساس پروگرام ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ۽ شفاف پروگرام آهي جنهن جي فنڊز جو مڪمل رڪارڊ موجود آهي هاڻي اسان کي سمارٽ لاڪ ڊا??ون ڪرڻو پوندو، ننڍن دڪانن، ڪاروبار ۽ تعميرات کي کولڻو پوندو، تعميرات جو شعبو ??ين صنعتن لاءِ به محرڪ جو ڪردار ادا ڪندو جنهن سان روزگار جا موقعا پي??ا ٿيندا، هن وقت دنيا کي هڪ وڏو بحران درپيش آهي تنهن هوندي به مون کي يقين آهي ته ان کانپوءِ پاڪستان وڌيڪ مضبوط ملڪ طور اڀرندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي احساس ٽيلي ٿون ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملڪ جي مختلف چينلز سان لاڳاپيل اينڪرز به ٽيلي ٿون ۾ شريڪ هئا.