اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي ??طاب ۾ ڪشمير مسئلي، افغانستان جي صورتحال، غريب ملڪن مان ڦريل دولت ۽ ماحوليات بابت تفصيلي ۽ دليلن تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ??ئي، وزيراعظم دنيا آڏو ڀارت جو فاشسٽ چهرو بي نقاب ڪيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي وزيراعظم جي ورچوئل خطاب کي ??اراهيندي پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم جي خطاب جا چار بنيادي موضوع هئا، وزيراعظم انهن چئن موضوعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ??ئي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان دنيا آڏو ڀارت جو فاشسٽ چهرو بي نقاب ڪيو. وزيراعظم دنيا کي ??اور ڪرايو ته ڪهڙي طرح ڀارت ۾ آر ايس ايس نظريي ي مودي جي فاشسٽ حڪومت اقليتن جو قتلام ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي خطاب ۾ نه رڳو پاڪستان، خطي پر عا??مي دنيا کي ??رپيش چئلينجز جو بهترين احاطو ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم دن??ا کي ٻڌايو ته افغانستان کي ??ڪيلو ڇڏيو ويو ته اهو خطي ۽ پوري دنيا جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ غريب ملڪن مان ڦريل دولت امير ملڪن کي منتقل ڪرڻ جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم باور ڪرايو ته غريب ملڪن مان ڦريل دولت امير ملڪن کي منتقل ٿيڻ سان امير ملڪن جي خلاف نفرت پيدا ٿي رهي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم موسمياتي تبديلي سان هن زمين کي لاحق خطرن جي لاءِ پنهنجي عا??مي ذميوارين جي ڏس ۾ کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ??يو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان حڪومت پاران 10 بلين ٽري سونامي ذريعي پاڪستان ۾ ٻيهر ٻيلا پوکڻ، قومي ماحول کي ??حفظ ڏيڻ، شهرن ۾ آلودگي جي خاتمي جي لاءِ قدمن کي ??جاگر ڪيو. وزيراعظم چئني موضوعن تي تمام تفصيلي ۽ جاندار دليلن سان پنهنجو موقف پيش ڪيو، پوري قوم و??يراعظم کي مبارڪباد پيش ڪري ٿي ۽ پورو پاڪستان عمران خان جي پٺيان شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي.