اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ آزا??اڻ??، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اليڪٽورل ريفارمز وقت جي اهم ضرورت آ??ي، اهڙيون چونڊون منعقد ڪرائڻ چاهيون ٿا جن تي ڪير آڱر نه کڻي سگ??ي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ شفاف ۽ غيرجانبداراڻي چونڊون منعقد ڪرڻ جي ضامن هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ بار راولپنڊي، لاهور هاءِ ڪورٽ بار راولپنڊي بئنچ، پنجاب بار ڪائونسل ?? هاءِ ڪورٽ با?? ملتان بئنچ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو.