اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي رياست وانگر جنهن به قوم معاشري جي ??مز??ر طبقي جي ذميداري ورتي ۽ قانون جي بالادستي جو اصول اختيار ڪيو ان قوم ترقي ڪئي، چين 35 سالن ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، اسان انهي ماڊل تي عمل ڪري رهيا آهيون، ??حس??س پروگرام ان سلسلي جي ڪڙي آهي، ورلڊ بئنڪ موجب ڪورونا وائرس سبب متاثر طبقي کي فوري ۽ شفاف انداز ۾ مدد ڏيندڙ ملڪن ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي آهي. هو ??حس??س بچت بئنڪ اڪائونٽ پروگرام جي آغاز تي منعقد تقريب کي خط??ب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ڊاڪٽر ??انيه نشتر به خط??ب ڪيو، وزيراعظم عمران خان خط??ب ڪندي چيو ته هو ورلڊ بئنڪ پاران ??حس??س پروگرام کي سيفٽي نيٽ جو ڪووڊ جي دوران دنيا جو چوٿون بهترين پروگرام قرار ڏيڻ جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي ڊاڪٽر ??انيه نشتر، ??حس??س جي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.