اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيص?? چيو آهي ته پاڪستان کي چين سان پنهنجي سدابهار دوستي تي فخر آهي، ٻنهي دوست ملڪن ۾ لاڳاپا گڏيل احترام، اعتماد، مفادن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي قائم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سفير نونگ رونگ سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻطرف?? لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيص?? چيو ته پاڪستان کي چين سان پنهنجي سدابهار دوستي تي فخر آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ منفرد نوعيت جا دوستاڻا لاڳاپا دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهي، ٻنهي دوست ملڪن ۾ لاڳاپا گڏيل احترام، اعتماد، مفادن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي قائم آهن.