مري – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياحت پاڪستان جو مستقبل آهي، صحت ۽ تعليم عوام جي سڀ کان وڏي ضرورت هوندي آهي، مري وانگر ٻين علائقن ۾ سياحتي مقام بنائينداسين، سياحت جي فروغ سان روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي سان وڌيڪ سيڙپڪاري حاصل ڪري ??گه??ن ٿا، سياحت جي آمدني مان اسان پنهنجا قرض لاهي ??گه??ن ٿا، مديني جي رياست جا اصول اختيار ڪرڻ سان غير مسلم به اڳتي نڪري ويا. هو مري ۾ ڪوهسار يونيورسٽي جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جي وڏو وزير عثمان بوزدار ۽ قومي اسيم??لي ميمبر صداقت عباسي به خطاب ڪيو. وزيراعظم چيو ته صداقت عباسي جي تقرير مان ان جي جذبن جي عڪاسي ٿئي ٿي ۽ سندس جذبن جي سمجهه اچي ٿي ته جڏهن پوئتي پيل علائقن ۾ ترقياتي ڪم ٿي رهيا هجن، و??ي وزير کي به ان تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ حڪمرانن پنجاب هائوس جي مرمت ۽ رنگ روغن تي 83 ارب روپيا خرچ ڪيا، اهو هڪ خاندان جي لاءِ هو، هاڻي اهو عوام جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، هن چيو ته ايتري وڏي آبادي تي مشتمل علائقو آهي جتي ڪا به اسپتال نه آهي، صرف نٿياگلي ۾ هڪ اسپتال آهي، جيڪا هتي جي آبادي ۽ سياحن جي ضرورت پورري نٿي ڪري ??گه??، هن چيو ته هاڻي هتي 380 ڪينال تي جنرل اسپتال ٺهندي، ان سوچ تي پنجاب حڪومت ۽ صداقت عباسي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته عوام جي سڀ کان وڏي خواهش اها هوندي آهي ته انهن جي صحت ۽ تعليم جو خيال رکيو وڃي، جيڪڏهن تعليم وڌيڪ ۽ هنرمند ماڻهو وڌيڪ هجن ته وڌيڪ آمدني ٿيندي، اها انفارميشن ٽيڪنالاجي جو دور آهي، نوجوان ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ 6 مهينن جو ڪورس ڪري بهتر ڪمائي ڪري ??گه?? ٿا، وزيراعظم چيو ته ڪوهسار يونيورسٽي سياحت جو مستقبل آهي، ان سان سياحت کي فروغ ملندو، جيڪا قوم اڳتي جو سوچيندي آهي اها عظيم قوم ب??جندي آهي، مڪه ۾ قيدين کي قيد کان آزادي 10 مسلمانن کي تعليم ڏيڻ سان مشروط ڪئي وئي ان سان تعليم جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، وزيراعظم چيو ته تعليم کانسواءِ ڪا به قوم ترقي نٿي ڪري ??گه??، مون پورو پاڪستان ڏٺو آهي، دنيا ڏٺي آهي جيڪي نعمتون الله پاڪ پاڪستان کي ڏنيون آهن انهن جو جيترو ٿورو ادا ڪيون اهو گهٽ آهي، جيڪڏهن اسان صرف سياحت تي ڌيان ڏيون ته ايتري آمدني ٿي ??گه?? ٿي ته اسان پنهنجا قرض لاهي ??گه??ن ٿا، اسان پنهنجو روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جو ناڻو وڌيڪ ڪمائي ??گه??ن ٿا.