اسلام آباد – 15 اپريل (ا?? پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته عوام کي رعايتي اگهن تي کاڌ?? پيتي جي شين جي فراهمي موجوده حڪومت جي ترجيح آهي، سستي اگهن تي بينادي کاڌ?? پيتي جي شين جي هڪجهڙي ورڇ سان منافع خور مافيا کان عوام کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن ??يالن جو اظهار يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اسپيڪر اسد قيصر يوٽيلٽي اسٽورز انتظامي?? کي هدايت ڪئي ته هو ضرورتمند ماڻهن کي رعايتي اگهن تي ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مناسب طريقي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ منافع خور ۽ ذخيره اندوز مافيا جي ڪري رعايتي اگهن تي ملندڙ شين کي کوٽ پيدا نه ٿيڻ ڏين، ??ن ضلعي سطح تي انتظامي?? کي رمضان المبارڪ دوران اگهن ۾ ناجائز اضافي جي روڪ ٿام کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، يوٽيليٽي اسٽورز جي مينيجنگ ڊائريڪٽر پاران اسپيڪر کي رمضان جي مهيني ۾ کاڌ?? پيتي جي شين جي گهرج ۽ پهچ بابت بريفنگ ڏني.