اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ا??پي??ر اسد قيصر ۽ وقتي ا??پي??ر قاسم خان ??ور?? آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي نئين چونڊيل صدر سرمد علي ۽ سوسائٽي جي ٻين عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي ??ار ??ار مبارڪباد وارن پيغامن ۾ هنن نئين چونڊيل صدر سرمد علي، سينئر نائب صدر جميل اطهر، نائب صدر شهاب زبيري، سيڪريٽري جنرل نظافرين سهگل لاکاڻي، جوائنٽ سيڪريٽري محسن بلال، فنانس سيڪريٽري اويس خوشنود ۽ ٻين چونڊيل عهديدارن کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. هنن چيو ته انهن جي چونڊ انهن جي قائداڻي صلاحيتن تي صحافي برادري جي اعتماد جو ثبوت آهي. ا??پي??ر ۽ وقتي ا??پي??ر جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ج?? لاءِ اظهار راءِ جي آزادي ضروري آهي. هنن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اي پي اين ايس جي نئين چونڊيل قيادت ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ هڪ فلاحي ۽ راودار معاشري جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.