اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز نيشنل ڊائيلاگ ل??ءِ پارليامينٽ کي موزون ترين پليٽ فارم قرار ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ موجود مخالف ڌر پارٽين جي ذميوار ۽ سنجيده قيادت سان ڳالهين ل??ءِ تيار آهيون، ڳالهين ۾ اتفاق ر??ءِ ٿي ويندو، اليڪٽوريل ريفارمز سميت هر م??املي تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز ته پارليامينٽ جو حصو ئي نه آهن اهي ته هونئن به ٻاهر سمجهو، شيراني، حافظ حسين احمد ۽ ٻين مولانا فضل الرحمان کي سليڪٽيڊ چيو ۽ ٻيون ڳالهيون به ٻڌايون، اهي پنهنجي پارٽي اندر رهندي تشخص کي اڀاري رهيا آهن. هو وفاقي وزيرن چوڌري فواد حسين ۽ فيصل واوڊا سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.