اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻارن جي پيدائش ۾ وقفي سان آبادي جي مسئلي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، ان مسئلي کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ ٺوس رابطن ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي، آبادي جي تصديق ٿيل انگن اکرن سان مستقبل بابت ٺوس منصوبابندي ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي بابت سيمينار کي ??ڊيو لنڪ ذريعي خطا?? ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن وقت پاڪستان کي ڪورونا وبا جي ٻي لهر درپيش آهي، اسان کي ان وبا کان بچڻ جي لاءِ ايس او پيز تي ڀرپور طريقي سان عملدرآمد ڪرڻ گه??جي، مون به ماسڪ پا??و آهي ۽ عوام کي به عوامي جاين تي ماسڪ پائڻ گه??جي، بار بار هٿ ڌوئڻ گه??جن ۽ سماجي فاصلي جو خيال رکڻ گه??جي.