اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر ??ميت سمورن مرضن بابت جامع قومي ڊيٽا بيس تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو هتي ڇاتي جي ڪينسر ??ابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊ??ڪٽر ثانيه نشتر، صحت واري خصوصي مددگار ڊ??ڪٽر فيصل سلط??ن ۽ بيت المال جي ايم ڊي عون عباس بپي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان ۾ مختلف بيمارين بابت مرڪزي ڊيٽا بيس جي کوٽ آهي، ان لاءِ ڇاتي جي ڪينسر ??ميت سمورين بيمارين تي جامع قومي ڊيٽا بيس تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر ??ي بيماري ٻين ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٺي ويندي آهي، ان ڏس ۾ عوام ۾ بيماري جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.