اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان امن، خوبصورتي ۽ مهمان نواز ماڻهن جي سرزمين آهي. سياح پاڪستان جي خوبصورتي ڏسڻ جي لاءِ هتي ضرور ??چن. سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته پاڪستان امن، خوبصورتي ۽ مهمان نواز ماڻهن جي سرزمين آهي. ڪوهه هماليه، ڪوهه قراقرم ۽ هندوڪش پهاڙي سلسلو وڻندڙ خوبصورتي جو عڪاس آ??ي. هن چيو ته نانگا پ??بت ۽ ڪي ٽو جي پهاڙين جي دلڪشي پنهنجو مثال پاڻ آهي.