لاهور – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻائڻ جو نه پر ملڪ کي مديني جي رياست بڻائڻ جي اصولن تي هلائڻ جو و??عدو ڪيو هو ۽ اهو و??عدو پورو ڪري ڏيکاريندس?? مديني جي رياست جو پهريون اصول انسانيت جي ڀلائي آهي ۽ معاشري جي سڀ کان ڪمزور طبقي جي ذميداري رياست جي هوندي آهي، غريب ماڻهو جي مشڪلاتن کي ڏسي ش??ڪت خانم بڻائڻ جو فيصلو ڪيو، هيلٿ انشورنس ڪارڊ جي ڪري خيبرپختونخوا ۾ عوام ٻيو ڀ??رو اقتدار ڏنو ۽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏني، پنجاب ۾ 50 لک خاندانن کي صحت انشورنس ڪارڊ جاري ڪرڻ تي ڊاڪٽر ياسمين راشد کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ انصاف صحت سهولت ڪارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.