اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عوام ڪڏهن به ڪرپشن بچائڻ يا ذاتي مفاد?? جي لاءِ ٻاهر ناهي نڪرندي، پي ڊي اي?? جي تحريڪ کي پذيرائي نه ملي سگهي، وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر جي دٻاءُ ۾ نه آيو ۽ نه ئي ايندو، ڪرپش?? جي خلاف سفر جاري رهندو، وزيراعظم يا ڪابينا جي ڪنهن ميمبر ا??ا تائين ڪورونا بچاءُ ويڪسين ناهي لڳرائي، پارليامينٽ جو پنهنجو وقار آهي، هتي چونڊيل عوامي نمائندا اچن ٿا، غيرچونڊيل ماڻهو اچي سياسي طور تي پارليامينٽ جو استعمال ڪرڻ غلط آهي، مخالف ڌر حڪومت مخالفت ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي تحفظ جي بل جي مخالفت ڪئي، ا?? جي مذمت ڪريون ٿا، ميڊيا هائوسز کي اشتهار?? جي مد ۾ ڪافي حد تائين ادائيگيون ڪري ڇڏيون آهن، ايندڙ هفتي وڌيڪ 5 ڪروڙ ادا ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ميڊيا مالڪن کي اپيل آهي ته اهي ڪنهن به حالت ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جون پگهارون دير سان ادا نه ڪن، وزيراعظم کي تجويز ڏني آهي ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي به صحت ڪارڊ ڏنو وڃي. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس پروگرام ۾ ڳالهائي رهيو هو.