اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سي??يٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو پنهنجي نالائقي ۽ نااهلي جو ملبو ٻين تي نه وجهي، تو??ان ايترا اڻڄاڻ آ??يو جو خبر ئي نه آهي ته تو??ان جي پنهنجي صوبي ۾ 2 هزار 25 ملين ڪي??بڪ فٽ گئس پيدا ٿئي ٿي، ان ۾ 1784 ملين ڪي??بڪ فٽ سنڌ استعمال ڪري ٿي جڏهن ته 200 ملين ڪي??بڪ فٽ پاور ۽ فرٽيلائيزر پلانٽس کي ڏني وڃي ٿي، رڳو 110 ملين ڪي??بڪ فٽ سنڌ کان ٻاهر وڃي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير سي??يٽر شبلي فراز بلاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته غريبن ۽ مزدورن جي حقن جو راڳ آلاپيندڙن پينشنرز کي نه بخشيو. تو??ان جي وڏي وزير جي ماتحت ناڻي کاتي ۾ سوا 2 ارب جو فراڊ پينشنرز فنڊ ۾ سامهون آيو. جعلي پينشنرز ۽ جعلي اڪائونٽ ٺاهيا ويا.