اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ماضي ۾ توانائي ??ي شعبي ۾ مهانگن معاهدن، پهچ ۽ ٽرانسميشن تي ڪم نه ڪرڻ ۽ قابل تجديد توانائي کي متعارف ڪرائڻ ۾ رڪاوٽن جي ڪري ملڪ جي مجموعي گردشي قرضن ۾ اضافو ٿيو آهي، موجوده حڪومت ڪامياب حڪمت عملي سان بجلي گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ 23 سيڪڙو فرنس آئل 3 سيڪڙو تي کڻي آئي آهي، جم??وري حڪومت هجڻ جي ناطي عوام آڏو جوابده آهيون، گرميءَ ۽ سردي جي موسم ۾ بجلي جي گهرج ۾ تمام وڏو فرق هوندو آهي پر حڪومت کي ??يد??واري خرچ ادا ڪرڻا پون ٿا. هو پيٽروليم واري خاص ??عاون نديم بابر سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.