اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وا??رس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورو??ا جي 426 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 مريض سڄي ملڪ ج?? اسپتالن ?? وا??رس جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 هزار 830 ڪورونا ٽي??ٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ ۾ 8 هزار 641، پنجاب ۾ 9 هزار 75، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 246، اسلام آباد ۾ هڪ هزار 894، بلوچستان ۾ 509، گلگت بلتستان ۾ 251، آزاد ڪشمير ۾ 214 ٽي??ٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وا??رس مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 86 هزار 506 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورو??ا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورو??ا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وينٽي ليٽرز تي 96 ڪورو??ا جا مريض آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورو??ا جي مريضن جو تعداد 2 لک 99 هزار 659 آهي جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 340، بلوچستان ۾ 13 هزار 402، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 68، اسلام آباد ۾ 15 هزار 780، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 711، پنجاب ۾ 97 هزار 389 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 30 هزار 969 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 359 آهي.