اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپني طرفان 8 سال اڳ عورت ۽ سندس ٻار جي بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيڻ کانپوءِ معاوضي ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن اندر وارثن کي اهو معاوضو ادا ڪيو وڃي. ايوان صدر ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب صدر حيدرآباد ال??ڪٽرڪ سپلائي ڪمپني حيسڪو طرفان معاوضي جي ادائيگي ۾ دير تي ناراض??ي جو اظهار ڪندي چيو ته حيسڪو وفاقي محتسب جي حڪم جي ??اسداري ڪري ۽ 30 ڏينهن اندر شڪايت ڪندڙ کي معاوضي جي ادائيگي ڪري، صدر ان معاملي جي اداره جاتي انڪوائري جو حڪم ڏيندي ان ۾ دير جي س??بن تي مشتمل رپورٽ وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ کي 30 ڏينهن ۾ جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي، لطيف آباد، ??يدرآباد جي رهواسي محمد عمر صديق جي گهرواري ۽ ٻارڙي 11 ڪي وي هاءِ ٽينشن لائن ٽٽڻ سبب 8 سيپٽمبر 2012ع تي ڪرنٽ لڳڻ سبب پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺا هئا.