اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته زندگي جي مختلف شعبن ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ صحافي??، ليکڪ??، ليکارين، فنڪارن ۽ عظيم شخصيتن کي سلام ??يش ڪريان ٿو، با??لاحيت ماڻهو ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، انهن جي صلاحيتن جي اعتراف جي ذريعي ئي نئين ٽيلينٽ کي اڀاري سگهجي ٿو، اميد آهي ته پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ صلاحيتن کي مڃائيندڙ اهي ماڻهو وڌيڪ ڏيئا روشن ڪندا ويندا، اهو ملڪ قائداعظم محمد علي جناح رح ۽ انهن جي ساٿين جي عظيم جدوجهد ۽ اسان جي بزرگن جي قربانين جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، اهو آزاد وطن اسان جو ??هر آهي، اسان کي گڏجي ان وطن جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار اد اڪرڻو آهي. پريس انفارميشن ڊيپارٽمينٽ آزادي جي ڏهاري جي موقعي تي انهن شخصيتن جي اعتراف ۾ تقريب جي انعقاد جو بهترين قدم کنيو آهي، اميد آهي ته مستقبل ۾ به اهو سلسلو جاري رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذيلي اداري پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام ??يٺ وطن لاءِ ڪم ڪندي نالو پيدا ڪندڙ صحافي??، ليکڪن، مصنفين، اداڪارن ۽ فن موسيقي سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ ايوارڊز ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.