ڪراچي – 31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي 5 آگسٽ کي استحصال جي ڏهاڙي طور ملهائيندي، ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪرڻ جي خلاف ڪراچي کان سکر تائين ٽرين مارچ ٿيندو. پي ٽي آءِ جي مرڪزي ??ڳو??ڻ ۽ پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ استحصال جي ڏهاڙي جي حوالي سان ??ڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته 5 آگسٽ تي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ کي هڪ سال مڪمل ٿي ??يندو، هڪ سال اڳ مودي سرڪار ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪيو هو. هن چيو ته 5 آگسٽ تي وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ ڪشميري عوام سان ??ڪجهتي جي اظهار لاءِ استحصال جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڪشميري عوام سان ??ڪجهتي جي لاءِ ريليون ۽ تقريبون منعقد ڪيون وينديون. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪراچي کان سکر تائين ٽرين مارچ ڪندي. ٽرين مارچ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وڃي ڪشميري عوام سان ??ڪجهتي جو اظهار ڪندو. پي ٽي آءِ جي ??ڳو??ڻ چيو ته پاڪستان جو هر شهري ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ مودي پاران ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪرڻ جي خلاف ??خت احتجاج ڪنداسين.