اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي سلامتي واري خاص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي صوبن سان مشاورت کانپوءِ ايندڙ ڪجه?? ڏينهن ۾ سيلف ڪورنٽين پاليسي لاڳو ڪئي پئي وڃي، اها پاليسي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ هڪ هفتي ۾ ٻاهرئين ملڪن ۾ ڦاٿل 14 هزار تائين پاڪستانين کي واپس آڻي سگهبو، ايندڙ ??فتي ن??ر ملڪن، آمريڪا، ملائيشيا، بنگلاديش، عراق ۽ چين مان 32 اڏامن ذريعي 7500 پاڪستانين کي واپس آندو ويندو. هو ٻاهرئين ملڪن مان پاڪستانين کي واپس آڻ?? جي ح??ال?? سان تازي صورتحال بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.