ڪراچي – 21 اپريل (اي پي پي) پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ اسمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي پارليماني اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ 20 اپريل تائين 15 لک 73 هزار 149 ماڻهن کي 18 ارب 87 ڪروڙ رپيا ڏنا و??ا آهن، سنڌ حڪومت 18 سئو جو راشن به س??ڌ جي ڪنهن خاندان کي ناهي ڏ??و، وزيراعظم ڏکئي وقت ۾ سنڌ کي ناهي وساريو، لاڪ ڊائون ۽ ڪرونا جي ڪري ڪيترائي ڏ??اڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور متاثر ٿ??ا آهن، اسان بنا ڪنهن فرق جي سڀني کان اڳ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ غريب عورتن کي امداد ڏني آهي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ حليم عادل شيخ چيو ته وزيراعظم عمران خان ڏکئي وقت ۾ سنڌ کي وساريو نه آهي، لاڪ ڊائون ۽ ڪرونا وائرس جي ڪري ڪيترائي ڏ??اڙيدار مزدور متاثر ٿ??ا آهن، سنڌ حڪومت رڳو اعلان ڪيو ته راشن ڏيئي ره??ا آهيون، جيڪو اڃا تائين ناهي مليو.