اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان جو آئين ۽ ادارا مضبوط پاڪستان ۽ بقاءُ جي ضمانت آهن، نواز شريف پاڪستان جو اهو واحد سياستدان آهي جيڪو پنهنجي ٽن ??سلن جو ع??لي?? جي سامهون حساب ڏئي رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ طرفان اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته اسان به چاهيون ٿا ته پارليامينٽ سٺي انداز ۾ هلي ۽ ان جي ڪارروائي جمهوري قدرن جو مظهر هجي، هن چيو ته اسيمبلي جي ڪارروائي سڌي س??ئين ڏيکارڻ جي ذاتي طور تي حمايت ڪ??دس ڇو ته 20 ڪروڙ عوام جي نمائندن جي ڪارڪردگي جي عوام کي خبر پوڻ گهرجي، هن چيو ته اسيمبلي جو پنهنجو چينل هجڻ گهرجي. هن چيو ته نيهال هاشمي جي بيان جو ڪير دفاع نٿو ڪري سگهي، ان جي مذمت ڪري سگهي ٿو.