اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي مر??ڪش سان واپار، سيڙپڪاري ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته مر??ڪش پاڪستان جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻي سگهي ٿو، پاڪستان جو نامزد سفير مر??ڪش ۾ پاڪستاني روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن مر??ڪش ۾ پاڪستان جي نامزد سفير محمد سميع الرحمان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب ??در چيو ته پاڪستان – مر??ڪش لاڳاپا گڏيل تاريخ ۽ مفادن تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن کي ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي دورن جي مٽاسٽا وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ملڪ ۾ سيڙپڪاري راغب ڪرڻ جي لاءِ جوڙي وئي، مر??ڪش پاڪستان جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ان کان اڳ جنيوا ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير/ مستقل نمائندي ڊاڪٽر بلال احمد پڻ ??در سان ملاقات ڪئي. ??در نامزد سفير کي چيو ته هو قومي مفادن ۽ ترجيحن جي تحفظ جي لاءِ گڏيل قومن سان پاڪستان جا مثبت لاڳاپا وڌائي، پاڪستاني عوامي صحت جي نظام جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ صحت جي عالمي اداري سان لاڳاپن تي ڌيان ??ي. ??در چيو ته ليبر جو معيار برقرار رکڻ جي لاءِ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن سان رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. ??در چيو ته اسلامو فوبيا، ڪشميرين ۽ فلسطيني عوام جي خراب حالت جهڙن مسئلن تي مسلمان امت جي آواز کي پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي، نامزد سفير ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ڪرڻ، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ??در نامزد سفيرن جي مستقبل جي ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.