اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي اسرائيل پاران سنگين جنگي ڏوهن جي ارتڪاب تي ڳڻتي جو اظ??ار ڪندي چيو آهي ته اسرائيل هڪ اسپتال تي حملو ڪ??ي سڀني عالمي ۽ اسلامي اصولن کي پائمال ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي غزه ۾ اسپتال تي وحشياڻي اسرائيلي فضائي حملي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي واقعي جي مذمت ڪئي. صدر جو اسرائيلي فضائي حملي جي نتيجي ۾ معصوم جانين جي نقصان تي پنهنجي شديد افسوس ۽ ڏک جو اظ??ار ڪيو. صدر چيو ته اسرائيل شهري آبادين ۽ صحت جي سهولتن کي بنا فرق جي نشانو بڻائي رهيو آهي، عالمي برادري اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن تي جوابده بڻائي ۽ اسرائيلي بمباري ۽ غزه جي جاري گهيراءُ کي فوري طور تي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻي.