نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين سي پيڪ منصوبن تي مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪ??دي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ سي پيڪ جي مرڪزيت تي اتفاق ڪيو آهي ۽ ان جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پختي عزم جو اظهار ڪ??و آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ عوامي جمهوريه چين جي نائب صدر هان زينگ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه روايتي گرمجوشي ۽ هم آهنگي سان ڀرپور هئي جيڪا پاڪستان چين سدابهار اسٽريٽجڪ حصيداري جي سڃاڻپ رهي آهي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن ۽ ٻطرفي اقتصادي ۽ مالياتي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بنيادي مسئلن تي چين جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي نگران وز??راعظم پاڪستان جي علائقائي سالميت، خودمختياري ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ چين جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري علائقي ۾ جي 20 جي ڪنهن به اجلاس جي انعقاد جي چين جي سخت مخالفت عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي پاسداري جي لاءِ چين جي اصولي موقف جي عڪاسي ڪري ٿي. چيني نائب صدر هان زينگ چيو ته پاڪ چين دوستي منفرد آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ گهرن ڀائراڻن لاڳاپن جي ڪري وقت بوقت ايندڙ تبديلين جو مقابلو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ ويجهي پاڙيسري ۽ مضبوط ڀائر جي حيثيت سان پاڪستان چين جي پاڙيسري سفارتڪاري ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿو ۽ چين پاڪستان جي بنيادي مفادن جي تحفظ ۽ پاڪستاني عوام جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. پاڪستان ۾ سي پيڪ منصوبن تي مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪ??دي ٻنهي ڌرين پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ سي پيڪ جي مرڪزيت تي اتفاق ڪيو ۽ ان جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پختي عزم جو اظهار ڪ??و. ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ جي 10 هين سالگرهه جي موقعي تي ٻنهي ملڪن ۾ منعقد ٿيندڙ تقريبن تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪ??و. هن گهڻ رخي فورمز تي پنهنجي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چيني نائب صدر هان زينگ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي رفتار کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. نگران وز??راعظم چيني نائب صدر کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.