ڪراچي – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صاف، شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، نگران حڪومت چونڊن جي ??اءِ ماحول سازگار بڻائيندي، ميڊيا چونڊن دوران اليڪشن جي ??ختلف مرحلن جو حصو هوندي آهي، چونڊن ۾ عوام تائين صحيح معلومات جي ??هچ يقي??ي بڻائڻ جي ??اءِ مستنند رپورٽنگ سڀ کان اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي ??گران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ، چونڊ عمل دوران ميڊيا کي سهولتن جي فر??همي سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته آئ??ن موجب پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏينداسين، ڪنهن سان ڪو امتيازي سلوڪ نه رکيو ويندو، سمورين سياسي پارٽين سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته ميديا چونڊن دوران اليڪشن جي ??ختلف مرحلن جو حصو هوندي آهي جيڪا اليڪشن ڪميشن جي ??اءِ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته چونڊن ۾ مستنند رپورٽنگ سڀ کان اهم آهي ته جيئن عوام تائين صحيح معلومات جي ??هچ کي يقي??ي بڻائي سگهجي. ٻنهي اڳواڻن شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ ۾ ڀرپور تع??ون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.