نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستاني ڄاوا ??مريڪي پنهنجي مٽاسٽا جي ناڻي، سيڙپڪاري ۽ فلاحي ڪمن جي ذريعي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار اتر آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄائي ڊاڪٽرن جي تنظيم (اي پي پي اي?? اي) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنه?? ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر ارشد ريحان جي قيادت ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ساڻس نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۾ ايپنا جي سماجي ڀلائ??، تعليمي ۽ طبي امدادي مشنز ۽ پروگرامن سميت ڊاڪٽر ارشد ريحان جي پاڪستاني ڄائي آمريڪي ڪميونٽي جي وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جي پيغام کي اڳتي وڌائڻ ۾ ايپنا مثبت ڪردار کي ساراهيو. ه?? اي پي پي اي?? اي کي پاڪستان ۾ هيلٿ ٽوئرازم، ميڊيڪل ۽ پيراميڊيڪل ايجوڪيشن، ٽريننگ ۽ اسڪل ڊيولپمينٽ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته 10 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ڄائي آمريڪي پاڪستان جو اثاثو آهن ۽ ملڪ جي قومي ترقي ۾ انهن جي ڪردار کي پوري طرح تس??يم ڪيو وڃي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ آمريڪا ۾ پاڪستان جو اصل چهرو ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هڪ قيمتي پل آهن. هن وفد کي سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي پختي ع??م جو يقين ڏياريو. اي پي پي اي?? اي جي صدر ڊاڪٽر ارشد ريحان ميمبرن پاران نگران وزيراعظم سان ملاقات تي ٿورا مڃيا ۽ نگران وزيراعظم کي پاڪستان ۾ سماجي ڀلائ??، تعيلمي ۽ طبي شعبن ۾ جاري اي پي پي اي?? اي جي ڪم بابت بريفنگ ڏني.