اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته منشيات جو مسئلو هڪ وبائي مرض ۽ سنگين مسئلو آهي جنهن کي مناسب اهميت نه ??ئي ڏني وڃي، ان مسئلي بابت آگاهي ڦهلائڻ لا??ِ هڪ جامع مهم شروع ڪئي آهي، تعليمي ادارن ۾ منشيات جي استعمال کي روڪڻ لا??ِ وڌيڪ عملي ۽ فيصلا ڪُن قدم کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي تعليمي ادارن ۾ منشيات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ لا??ِ اثرائتا قدم کڻڻ لا??ِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊي آءِ جي، اي اين ايف، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايڇ اِي سي، ڊي ڊي جي ايف شي اي ۽ پيرا جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل سيڪريٽري جنيد اخلاق ۽ سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري عبدالستار کوکر سميت وزارت ??ا سينيئر عملدار به موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته اسان کي تعليمي ادارن ۾ منشيات جي مسئلن بابت آگاهي ڦهلائڻ لا??ِ هڪ جامع مهم شروع ڪئي آهي ۽ پاڪستان جي تعليمي ادارن ۾ منشيات جي استعمال کي روڪڻ لا??ِ عملي قدم کڻنداسين. هن چيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته پوري طاقت سان ان مسئلي کي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان کي پهريان ان مسئلي جي ڦهلاءُ کي سمجهڻ جي ضرورت ??هي، ان کان پهريان ته اسان ان کي گهٽ ڪرڻ جي ح??مت ٺاهيون. هن چيو ته يورپ ۾ نوجوان ان مسئلي سبب روڊن تي مري رهيا آهن. هن چيو ته اسان اڃا تائين ان مقام تائين ناهيون پهتا ۽ اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته ان معاملي کي هٿ مان نڪرڻ کان پهريان ئي ڪنٽرول ڪيو وڃي. هن چيو ته فيڊرل پبلڪ اسڪولن ۾ اٽڪل اڍائي لک شاگرد آهن، جن کي اولين ترجيح تي رکڻ گهرجي.