اسلام آباد – 01 آگسٽ(اي پي پي) سعودي عرب جي نائب وزير خالد صالح المظفر چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ برادراڻه تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، سعودي حڪومت پاڪستان سان معدنيات جي شعبي ۾ لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن ??يالن جو اظهار هن پاڪستان منرلز سمٽ جي افتتاحي سيشن کي خ??اب ڪندي ڪيو. خالد صالح المظفر چيو ته معدنيات وارو شعبو انساني وسيلن جي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪندو، معدنيات ۾ سيڙپڪاري سان خطي ۾ واپاري سرگرمين ۾ اضافو ٿين??و. ??ن چيو ته 27 لک پاڪستاني سعودي عرب جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.