اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف سان پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر خواجه عمران نذير جي سربراهي ۾ 4 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفد پنجاب جي نو??وانن کي ليپ ٽاپ اسڪيم جي ذريعي علم حاصل ڪرڻ ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم مح??د شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ملڪ خاص طور تي پنجاب جي آبادگارن ۽ نو??وانن جي لاءِ مختلف ترقياتي منصوبن جي منظوري تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.