ڪوئيٽا – 31 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه ع??رف علوي ڪوئيٽا ۾ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر، فزيو ٿراپي انسٽيٽيوٽ ۽ دارالامان جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سوشل ويلفيئر سيڪريٽري عمران خان انهن ادارن جي ڪارڪردگي، معذورن جي ڀلائي ۽ ??صو??ي ماڻهن کي معاشري ۾ باعزت روزگار فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت ٻڌايو. ثمينه ع??رف علوي ووڪيشنل سينٽر ۾ ڪمپيوٽر، موبائيل ريپئرنگ، فوٽوگرافي، فزيوٿراپي جي تربيت ۽ دارالامان ۾ حڪومت پاران انهن کي باعزت روزگار فراهم ڪرڻ جي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته بلوچستان صوبي جي معذور ماڻهن ۽ يتي??ن ۽ بيواهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن وسيلا ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سوشل ويلفيئر کاتو اهڙي طرح معذور ۽ لاچار ماڻهن جي ڀلائي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه ع??رف علوي ??صو??ي ماڻهن ۽ بيواهن سان ملي ۽ انهن جا مسئلا معلوم ڪيا.