اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي سان عيدالفطر جي موقعي تي ??فا??تڪارن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ش??صيتن ايوان صدر ?? ملاقات ڪئي. اسلام آباد ۾ مقرر مختلف ملڪن جي سفيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن، سول سوسائٽي جي نمايان شخصيتن، ايوان صدر جي عملي ۽ سندن وارثن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ڇنڇر ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ عيد ملن پروگرام ۾ صدر سان ملاقات ڪئي ۽ کيس عيد جون مبارڪون ڏنيون. بيگم ثمينه عارف علوي به ان موقعي تي صدر مملڪت سان گڏ هئي. صدر مملڪت ايوان صدر ۾ مهمانن جو شاندار استقبال ڪيو، ڊاڪٽر عارف علوي سان عيدالفطر جي موقعي تي ملاقات ڪندڙ غير ملڪي ??فا??تڪارن صدر ۽ بيگم ثمينه عارف علوي کي عيدالفطر جون مبارڪون ڏنيون ۽ گڏ تصويرون به ڪڍرايون. زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن به صدر سان عيد ملن آجياڻي پروگرام ?? ملاقات ڪئي. عيدالفطر جي موقعي تي ايوان صدر آيل ٻين مهمانن به صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گڏ تصويرون ڪڍرايون. ايوان صدر آيل مهمانن جي مٺي ۽ ٻين کاڌن سان تواضح به ڪئي وئي.