اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه م??لانا فضل الرحمان جي رهائشگاه تي ويو ۽ مذهبي معاملن وا??ي وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته م??تي عبدالشڪور ڪابينا جو هڪ اهم ميمبر هو، هو انتهائي سادو ۽ نيڪ انسان هو. هن چيو ته م??تي عبدالشڪور جي او??تي حادثي ۾ لاڏاڻي تي دل ڏکويل آهي، مون سميت پوري قوم جون سموريون همدرديون مفتي عبدالشڪور جي گهرڀاتين سان آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعالي?? مرحوم جا درجا بلند ۽ سوڳوارن کي صبر جميل عطا فرمائي.