اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سع??دي عرب ايران سفار??ي لاڳاپن جي بحالي خطي جي امن جي لاءِ انتهائي اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سع??دي عرب جي سفير نواف بن سعيدالمالڪي سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سع??دي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ۾ سع??دي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سع??دي قيادت جا ٿورا مڃيا.