فيصل آباد – 11– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فيصل آباد ۾ مفت اٽو ورهائڻ واري مرڪز جو دورو ڪيو ۽ اٽي ??ا ٿيلها ورهائڻ جي نظام جو جائزو ورتو. هن مفت اٽي جي فراهمي جي نظام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فيصل آباد ۾ مفت اٽو ورهائڻ واري مرڪز جي دوري جي موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ ال??ه ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ ساڻس ??ڏ هئا. وزيراعظم پاڻ به مستحقين ۾ اٽي ??ا ٿيلها ورهايا ۽ ان موقعي تي عورتن ??ان اٽي جي فراهمي ۽ انه?? جي مسئلن بابت معلوم ڪيو، عورتن مفت اٽي جي فراهمي تي وزيراعظم ??ا ٿورا مڃيا. وزيراعظم مفت اٽي جي فراهمي جي نظام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فيصل آباد جي 11 لک ??ان وڌيڪ ماڻهن کي مفت اٽي ??ا ٿيلها فراهم ڪيا پيا وڃن، فيصل آباد جي 5 تعلقن ۾ روزانو هڪ لک 25 هزار ٿيلها ڏنا پيا وڃن ۽ هر خاندان کي 10 ڪلوگرام اٽي جا ٽي ٿيلها مفت ڏنا پيا وڃن، مفت اٽو 25 شعبان ??ان 25 رمضان تائين فراهم ڪيو پيو وڃي. ملڪي تاريخ م پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران مفت اٽي جي فراهمي جاري آهي. عوامي شڪايت?? جي ازالي لاءِ شڪايت سيل پڻ قائم ڪيا ويا آهن.