اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، اليڪشن ڪميشن معاشي، سياسي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪيو، آئين جي آرٽيڪ?? 218 تحت اليڪشن ڪميشن کي يقيني بڻائڻو آهي ته شفاف، غيرجانبداراڻي ۽ منصفاڻيون چو??ڊون ??ين، آرٽيڪل 224 جي گهرج آهي ته چو??ڊن جي وقت وفاق ۽ صوبائي اڪائين ۾ نگران حڪومتون ??ائم هجن. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ڪميشن سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي ضمانت ملندي، خدشا هئا ته هڪ ماڻهو جي اناءَ جي ڪري ٻن صوبن تي زبردستي چو??ڊون ??ڙهيون ??يون ??ڃن. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي چو??ڊ ٿيندي ته ٻن صوبن ۾ حڪومتون ??ائم ٿينديون. 30 اپريل تي ٻن صوبن ۾ چو??ڊون ??يون ته سدائين جي لا??ِ تڪراري ٿي وڃن ها. چو??ڊون 30 اپريل تي ٿين ها ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڇهه مهينا اڳ اسيمبليون ختم ٿي وڃن ها. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي سان ملڪ کي وڏي آئيني بحران کان بچائي ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو. هن چيو ته ملڪ ۾ آدمشماري جو عمل جاري آهي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ آدمشماري کان اڳ ۽ ٻين ۾ آدمشماري کانپوءِ چو??ڊون ??ين، اهو نه ٿو ٿي سگهي. هڪ شخص جي مرضي تي آئين نه ٿو هلي سگهي، هو جڏهن چاهي آئين ٽوڙي ڇڏي، جڏهن چاهي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، اهو نه هلندو، جڏهن چاهي پوليس وار?? جا مٿا ڦاڙي ڇڏي، جڏهن چاهي اليڪشن ڪميشن تي حملو ڪري، عدالت تي حملي آور ٿئي ، جڏهن چاهي چو??ڊون ??ين ۽ جيڪي چاهي فيصلا اچن، اهو نه هلندو.