اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??هي ته عمران خان جي ”عدالت کان بچايو“ تحريڪ پڻ وڊيو لنڪ تي هلندي، هي اهو شخص آهي جنهن چار سال حڪومت به وڊيو لنڪ تي هلائي، ه??ڻي عدالت کي چئي رهيو ??هي ته آئون وڊيو لنڪ تي پيش ٿيندس، عد??لتن کي ليڊر ۽ گدڙ ۾ فرق کي سمجهڻ گهرجي، تاريخن تي تاريخون نه ڏيڻ گهرجن، اهڙو رويو ??ختيار ڪيو ويو ??ه ڪو جوابدار عد??لت ۾ پيش نه ٿيندو، عد??لتن کي گهرجي ته اهي فوري طور تي عمران خان کي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهارين. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه ملڪي تاريخ ۾ اهڙو جوابدار ناهي ڏٺو جنهن کي عد??لت گهرائي ۽ پوءِ ان جو انتظار ڪري ۽ هو پيش نه ٿئي ۽ عد??لت کي چوي ته آئون وڊيو لنڪ تي پيش ٿيندس. هن چيو ??ه هي اهو شخص آهي جنهن چار سال حڪومت به وڊيو لنڪ تي هلائي آهي، ماڻهو ان جي لانگ مارچ ۾ گوليون کائيندا رهيا ۽ هي شخص پلستر ٻڌي زمان پارڪ ۾ وڊيو لنڪ تي ويٺو رهيو، هي چوي ٿو ته آئون عد??لت بچاءُ تحريڪ هلائڻ چاهي رهيو ??هيان، اها عد??لت بچاءُ نه ”عدالت کان بچايو“ تحريڪ آهي، هن کي عد??لت ۾ پيش ناهي ٿيڻو ۽ افراتفري جاري رکڻي آهي ڇو ته ان کي ڊپ آهي ته ڪٿي معيشت ۾ استحڪام نه اچي وڃي ان لاءِ هن افراتفري مچائي رکي آهي. هن چيو ??ه نواز شريف پنهنجي ڌيءَ سان گڏ روزاني جي بنياد تي عد??لت ۾ پيش ٿيندو هو. نواز شريف کي خبر هئي ته هن ڪو ڏوهه ناهي ڪيو. هن چيو ??ه عمران خان توشه خانه، فارن فنڊنگ ۽ پنهنجي ڌيءَ ٽيريان جي ڪيس ۾ پڻ پيش نه ٿيو، ان لاءِ ته ان وٽ ڪو جواب نه آهي، عمران خان پوليس کي ڏسي هڪ ٻرِ مان نڪري ٻي ٻرِ ۾ لڪي وڃي ٿو، عمران خان جي ڪه??ڻي امپورٽيڊ حڪومت کان شروع ٿي ۽ ه??ڻي معذوري ۽ بزرگي تي پهچي چڪي آهي. هن شخص آئين ۽ قانون جو تماشو بڻائي رکيو ??هي. هن چيو ??ه عمران خان عد??لت کي چئي رهيو ??هي ته آئون نه ايندس، جيڪو ڪرڻو آهي ڪريو. مريم اورنگزيب چيو ??ه عمران خان فارن ايجنٽ آهي، هن چپڙاسين جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي آهي، خيرات جو پئسو سياست ۾ استعمال ڪيو ??هي، هي ش??ص اڄ تائين ڪنهن ڪيس ۾ پيش نه ٿيو، مالم جبه، بلين ٽري سونامي، بي آر ٽي پشاور، توشه خانه، فارن فنڊنگ سميت ٽيريان جي ڪيس ۾ پڻ پيش نه ٿيو ڇو ته ان کي خبر آهي ته اهي سڀ ڏوهه هن ڪيا آهن. هن چيو ??ه عد??لتن کي گهرجي ته اهي فوري طور تي عمران خان کي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهارين، عد??لت ۾ پيش نه ٿو ٿئي ته وارنٽ گرفتاري تي گرفتار ڪري عد??لت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي.