اسلام آباد -05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو آهي، ته سڀ کان گهٽ ترقي يافته ملڪ موسمياتي تبديلين، وبائي بيمارين کان پوءِ خوراڪ ۽ توانائي جي فراهمي جي سلسلي ۾ جيو اسٽريٽجڪ رڪاوٽ سبب تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو ته قطر جي امير ۽ پنهنجي ڀاءُ شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ مان اڄ دوحه پهتو آهيان. هن (ا??ل ڊي سيز) گڏيل قومن جي گهٽ ترقي يافته ملڪن جي پنجين ڪ??نف??نس بابت چيو ته مان ايشيا ۽ آفريقا ۾ ا??ل ڊي سيز کي درپيش ڏکيائين ۽ اقتصادي چئلينجن بابت پاڪستان جي نقطئه کان آگاهه ڪندس. وزيراعظم چيو ته سڀ کان گهٽ ترقي يافته ملڪ موسمياتي تبديلين، وبائي مرضن کان پوءِ هاڻي خوراڪ ۽ توانائي جي فراهمي جي سلسلي ۾ جيو اسٽريٽجڪ رڪاوٽ سبب گهڻو متاثر ٿيا آهن ۽ انهن عالمي واقعن هنن کي غيرمحفوظ ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عوام جي فلاح و بهبود کي پبلڪ پاليسي جو مرڪز بڻائي ا??ل ڊي سيز جي بهتر خدمت ڪري سگ??جي ٿي.