اسلام آب??د ?? 09 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ??يگ ۾ او پي سي ڊبليو جي هيڊڪوارٽر ۾ ڪيميائي هٿي??رن جي خاتمي بابت تنظيم جي ڊائريڪٽر جنرل سفير فرنينڊو ايرياس سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪستان ۽ او پي سي ڊبليو جي وچ ۾ جاري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. او پي سي ڊبليو جي ڊائريڪٽر جنرل فرنينڊو ايرياس ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر طور ڪردار ۽ ص??اح??ت سازي جي مختلف پروگرامن ۾ پاڪستان جي تعاون کي ساراهيو. پاڪستان پنهنجي ص??اح??ت سازي جي پروگرام ۽ سڄي دنيا مان شرڪت ڪندڙن جي لاءِ عالمي تربيتي ڪورسز جي ذريعي پاڪستان او پي سي ڊبليو جي ڪم ۽ ڪيميائي هٿي??رن جي ڪنوينشن کي لاڳو ڪرڻ ۾ فعال طور تي تعاون ڪري رهيو آهي. پرڏيهي سيڪريٽري او پي سي ڊبليو پاران ڪيل ڪم کي ساراهيو ۽ ڪيميائي هٿي??رن جي ڪنوينشن تي مڪمل عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجايو. هن چيو ته پاڪستان ڪيم ٽيڪ سينٽر جي جلد آپريشنل ٿيڻ جو منتظر آهي.