اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تر??يه ۾ زلزلي سٽ??لن جي امداد جي لاءِ ريليف فنڊ قائم ڪري ڇڏيو، وفاقي ??اب??نا جي هڪ مهيني جي پگهار جڏهن ته گريڊ 18 کان گريڊ 22 جي سرڪاري آفيسرن جي هڪ ڏينهن جي پگهار تر??يه جي زلزلي سٽ??لن جي لاءِ قائم فنڊ ۾ بطور عطيو ڏني ويندي. ان ڳالهه جو فيصلو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ??اب??نا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اجلاس جي شروع ۾ وفاقي ??اب??نا تر??يه ۽ شام ۾ زلزلي سان ٿيندڙ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وفاقي ??اب??نا واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر جي ڀيڻويي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم ??اب??نا کي زلزلي جي فوري پوءِ تر??يه جي صدر رجب طيب اردوان سان پنهنجي ٽيليفونڪ رابطي بابت ٻڌايو جنهن ۾ هن زلزلي سان ٿيندڙ تباهي تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو ۽ تر??يه جي حڪومت ۽ عوام سان پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ تر??يه هڪ جان ٻه دل آهن، تر??يه 2022ع جي تاريخي ٻوڏ ۾ پنهنجي پاڪستاني ڀائرن جي مدد ۾ سڀ کان اڳتي رهيو. هن چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي تر?? ڀينرن ڀائرن کي مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي، آئون پاڻ سڀاڻي زلزلي سٽيل علائقن جي دوري جي لاءِ تر??يه روانو ٿي رهيو آهيان. وزيراعظم چيو ته پي آءِ اي ۽ پاڪستان ايئرفورس جون اڏامون ريسڪيو ٽيمون ۽ امدادي سامان کڻي تر??يه روانيون ٿي چڪيون آهن. ريسڪيو اهلڪارن کانسواءِ ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊڪس پڻ امدادي ٽيمن ۾ شامل آهن جڏهن ته وڌيڪ امدادي سامان جي پهچ جاري رهندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف تر??ه ۾ زلزلي سٽ??لن جي امداد جي لاءِ هڪ ريليف فنڊ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي سمورن پاڪستانين کي ان فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهڻ جي اپيل ڪئي. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم ڪاروباري ماڻهن ۽ سرنديءَ وارن کي پڻ اپيل ڪئي ته اهي ان ريليف فنڊ ۾ عطيا ڏين. وفاقي ??اب??نا متفقه طور تي تر??يه جي زلزلي سٽ??لن جي لاءِ پنهنجي هڪ مهيني جي پگهار بطور عطيو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت جي گريڊ 18 کان گريڊ 22 جي آفيسرن جي هڪ ڏينهن جي پگهار تر??يه جي زلزلي سٽ??لن جي لاءِ قائم ريليف فنڊ ۾ بطور عطيو ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم ان افسوسناڪ قدرتي آفت ۾ تر??يه ۽ شام جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان پاران انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. وفاقي ??اب??نا نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي صدر جي مقرري جي عمل کي نئين سر شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني. ??اب??نا ان عمل کي فوري بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وفاقي ??اب??نا گهرو وزارت پاران موڪليل ڪريمنل لاز/ قانون فوجداري (ترميمي) بل 2023ع جي حوالي سان هڪ ??اب??نا ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي جيڪا بل جي مسودي جو غور سان جائزو وٺي پنهنجي رپورٽ ??اب??نا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪندي. ڪميٽي ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق ۽ وفاقي ??اب??نا ۾ موجود سمورين اتحادي پارٽين جا نمائندا شامل هوندا.