اسلام آباد – 06 ?? ف??بر??ري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ترڪيه، شام ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ زلزلي سبب تباهي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قدرتي آفتن سان تباهي جي شدت دنيا جو اجتماعي ڌ??ان گهري رهي آهي. پنهنجي ب??ان ۾ وفاقي وزير چيو ته ترڪيه، شام ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ وڏي جاني نقصان سبب ڏک آهي. متاثر خاندانن سان دلي همدردي آهي. هن چيو ته دنيا قدرتي آفتن جي مقا??لي لاءِ متحد نه ٿي ته ??ير به نه بچندو. هن چيو ته ??ک ۽ تڪليف جي هن گهڙيءَ ۾ متاثر ملڪن جي عوام سان گڏ آهيون، الله تعاليٰ مارجي ويلن جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. اطلاعات واري وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.