اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل ۽ پاڙ کان خاتمي جي لاءِ متحد آهي، شهيد قوم جا محسن آهن، پ??ري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر خانيوال ۾ فائرنگ ۾ شهيد ٿيندڙ آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر ۽ انسپيڪٽر جي وارثن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر محمد نويد صادق سيال شهيد جي گهرواريءَ سان فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر گهر??ات??ن جي همت، صبر ۽ بهادري سان صدمو برداشت ڪرڻ تي ??را?? تحسين پيش ڪيو. صدر انسپيڪٽر ناصر عباس ڀٽي شهيد جي گهرواريءَ سان پڻ فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر شهيد جي قوم جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهر??ات??ن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر شهيدن کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي ??را?? عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ گهر??ات??ن سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جون ڪوششون دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهي، پ??ري قوم دهشتگردي جي مڪمل ۽ پاڙ کان خاتمي جي لاءِ متحد آهي. هن چيو ته شهيد قوم جا محسن آهن، پ??ري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي.