اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ??ه پاڪستان ۽ قطر جا ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل مذهب، گڏيل اع??ماد ۽ مفاهمت تي ٻڌل آهي. اها ڳالهه هن قطر جي سفير سعود بن عبدالرحمان الثاني سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران قطر جي سف??ر قطر جي عوام ۽ قيادت پاران پاڪستان جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيو. هن قطر ۾ فيفا 2022ع ورلڊ ڪپ جي ڪامياب ميزباني تي قطري قيادت کي مبارڪباد ڏني. هن افرادي قوت جي شعبي ۾ قطر پاران ڪيل ذڪر جوڳي سڌارن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي لاءِ سيڪيورٽي اهلڪار فراهم ڪري ورلڊ ڪپ ۾ مدد ڪرڻ تي خوشي ۽ اع??از محسوس ڪري رهيو آهي. اها فخر جي ڳالهه آهي ??ه ورلڊ ڪپ ۾ استعمال ٿيندڙ فٽبال ”الرحلا“ ميڊ ان پاڪستان آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجها ۽ خوشگوار ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جو بنياد گڏيل مذهب، گڏيل اع??ماد ۽ افهام تفهيم ۽ ويجهي ??عاون تي آهي. هن چيو ته قطر 2 لک 10 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين جو گهر آهي ??يڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.