اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ڪئناڊا، آسٽريا، شام، سربيا ۽ سلوواڪ ريپبلڪ جي نئين سفيرن ايوان صدر ۾ منعقد تقريب د??ران پنهنجون سفارتي سندون ??يش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ڪئناڊا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ليسلي اسڪينلون، آسٽريا جي نامزد سفير مسز اينڊريا وڪ، شام جي نامزد سفير ڊاڪٽر رميز الراعي، سربيا جي غيرمقيم نامزد سفير ڊريگن ٽوڊورودڪ ۽ سلوواڪ ريپبلڪ جي نامزد سفير لاڊيسلا وباليڪ بعد ۾ صدر سان جدا جدا ملاقات ڪئي. صدر ڪئناڊا جي سفير سان ڳالهائيندي چيو ته ??اڪ??تان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ خوشگوار ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن، ??اڪ??تان ڪئناڊا سان معيشت، و??پا?? ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي، ??اڪ??تان ۾ وڏي اقتصادي صلاحي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن. هن چيو ته ڪئناڊا جي ڪاروباري ادارن کي ??اڪ??تان ۾ موجود موقعا ڳولڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي، ريڪوڊڪ منصوبي جو حل هڪ مثبت اڳڀرائي آهي، اميد آهي ته ان سان ??اڪ??تان ۾ ڪينيڊين سيڙپڪاري جي وڌيڪ حوصلا افزائي ٿيندي. صدر سان ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات ۾ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ موجود هو. ??اڪ??تان ۾ آسٽريا جي سفير اينڊرياوڪ پڻ صدر سان ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??اڪ??تان آسٽريا سان لاڳاپن کي ٻطرفو ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ اهميت ڏي ٿو، ??اڪ??تان جي سيڙپڪاري جي نظام مان آسٽريا جي ڪمپنين کي فائدو کڻڻ گهرجي. صدر چيو ته آسٽريا جون ڪمپنيون ??اڪ??تان ۾ خصوصي اقصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي غور ڪن، ??اڪ??تان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. صدر اميد ظاهر ڪئي ته نئون سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ انهن شعبن ۾ تعاون ??ڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. صدر ٻطرفي و??پا?? ۽ اقتصادي تعاون ??ڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ??اڪ??تان موسمياتي تبديلي جي عالمي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آسٽريا سميت پنهنجي عالمي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. صدر شام جي سفير ڊاڪٽر رميز الراعي ??ڻ ملاقات ڪئي. هن ??اڪ??تان ۽ شام جي وچ ۾ مختلف سطحن تي قيادت ۾ مستقل رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته شام سان ??اڪ??تان جا لاڳاپا گهڻ رخا ۽ گهري پاڙون رکندڙ آهن. صدر شامي حڪومت پاران ??اڪ??تاني زائرين جي لاءِ گروپ ويزا کولڻ جي دوستاڻي قدم کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي ايئر لائينز پاران ڪراچي ۽ دمشق جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامون ??لائڻ جي فيصلي کي پڻ ساراهيو. سربيا جي غيررهائشي سفير دراگان تودوروڪ پڻ صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي ٻطرفا اقتصادي ۽ و??پا??ي لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??اڪ??تان 22 ڪروڙ آبادي تي ٻڌل هنرمند ۽ نيم هنرمند ڪارڪنن جي مثالي مارڪيٽ آهي، سربيا ??اڪ??تان جي افرادي قوت سان ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ فائدو کڻي سگهي ٿو، ??اڪ??تان جا هنرمند نوجوان تعميراتي شعبي ۾ سربيا جي مدد ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي سان سلوواڪ ريپبلڪ جي سفير لاڊيسلا وباليڪ پڻ ملاقات ڪئي. هن چيو ته اميد آهي ته نامزد سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. صدر چيو ته ??اڪ??تان جي سيڙپڪاري جون ??اليسيون ??برل آهن، ??اڪ??تان جو اسٽارٽ اپ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو تمام تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. صدر چيو ته خصوصي اقتصادي زونز ۾ سلوواڪ سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين.