اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) افغانستان جي گادي واري ??هر ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپائونڊ تي جمعي ڏينهن حملو ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جي هي?? آف مشن عبيدالرحمان نظاماڻي کي نشانو بڻايو ويو. پرڏيه?? آفيس جي ترجمان پاران جاري ??يان موجب الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپائونڊ ۾ ٿيندڙ حملي ۾ هي?? آف مشن محفوظ رهيو. ترجمان موجب جڏهن ته هڪ پاڪستاني سيڪيورٽي گارڊ سپاهي اسرار محمد هي?? آف مشن جي حفاظت ڪندي حملي ۾ شديد زخمي ٿيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هي?? آف مشن تي قاتلاڻي حملي ۽ سفارتخاني جي ڪمپائونڊ تي حملي جي شديد مذمت ڪري ٿي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته افغانستان جي عبوري ??ڪومت فوري ??ور تي ان حملي جي مڪمل جاچ، جوابدارن کي پڪڙڻ، انهن جو محسابو ڪرڻ ۽ افغانستان ۾ پاڪستاني سفارتي عملي ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي.