اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيا پيسفڪ ملڪن جي بين الپارلياماني يونين جي سيمينار جي شرڪت ڪندڙن کي ٻوڏ جي تازين تباهين ۽ ان جي عورتن ۽ ٻارن تي اثرن جي حوالي سان مختصر دستاويزي پروگرام ڏيکاريو ويو. پارليامينٽ هائوس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ان دستاويزي پروگرام ۾ ٻڌايو ويو ته متاثر ع??ائ??ن ۾ هن آفت سان سوين فوتگيون ٿيون آهن، متاثر ع??ائ??ن ۾ 90 سيڪڙو بيٺل فصلون تباهه ٿي ويون، ٻوڏ جي ڪري وڏي انگ ۾ عورتن، ب??واهن ۽ ٻارن کي مشڪلاتون درپيش آهن، 75 هزار حاملا عورتن کي هن ئي مهيني ٻارن جي پيدائش جي لاءِ سهولتن جي ضرورت آهي، ٻاهرئين امداد کانسواءِ ??وڏ کان متاثر عورتون بحال نه ٿيون ٿي سگهن. دستاويزي پروگرام ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سان 400 ٻار فوت ٿيا، 160 پليون، سوين ڪلوميٽر رستا تباهه ٿيا، متاثر معصوم ٻارن جي چهرن تي مسڪراهٽ ۽ زندگي جي رونق بحال ڪرڻ جي لاءِ ريسڪيو ۽ بحا??ي جي ضرورت آهي.