اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جمهوريه ترڪيه جو صدر رجب طيب اردوان پنهنجي واعدي موجب پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انساني ام??اد جي مهم جي قيادت ڪري رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انساني ام??اد جي مهم جي قيادت ڪري رهيو آهي، ان جي قيادت ۾ ترڪيه وڏي پئماني تي ام??ادي سرگرميون شروع ڪيون آهن. هيستائين 6 اڏ??مون ام??اد کڻي پاڪستان پهچي چڪيون آهن. هن چيو ته سڀاڻي وڌيڪ 2 اڏ??مون پهچنديون، ان کانسواءِ ام??ادي سامان کڻي ويندڙ ٽرين به انقره مان پاڪستان جي لاءِ رواني ٿي وئي آهي.